ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان کي 1973ع جو پهريون متفقه طور تي منظور ٿيل آئين ڏنو، هو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو معمار هو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين سالگرهه تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي صدر زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد ڀٽو پارلياماني، جمهوري ۽ وفاقي طرز حڪومت جو بنياد رکيو.صدر چيو ته اسان جو ايٽمي پروگرام اسان جي خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، شهيد ڀٽو صنعتي ۽ ٽيڪنيڪل شعبي کي ترقي ڏني.هن چيو ته شهيد ڀٽو جي دانشمندي واري حڪمت عملي سبب پاڪستان 1974ع ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي.شهيد ڀٽو جي ڪوششن اسلامي دنيا ۾ پاڪستان جي قيادت جي ڪردار کي مضبوط ڪيو، زرعي سڌارن ۽ مزدورن جي ترقيءَ لاءِ ڪيل قدمن لکين زندگيون بدلائي ڇڏيون.صدر چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جو علمبردار هو، آمريت ۽ جبر خلاف ثابت قدم رهيو، اصولن تي سمجهوتو ڪرڻ بدران کيس ڦاسي جي سزا ڏني وئي.صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو ته شهيد ڀٽو جي جمهوريت ۽ سماجي ۽ معاشي انصاف جي نظريي سان وابستگي جو اظهار ڪريون، شهيد ڀٽو جو ترقي پسند، آزاد ۽ شموليت وارو پاڪستان جو خواب اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم آهي.صدر پاڪستان چيو ته اچو ته گڏجي پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪريون.










