سڱ نه ڏيڻ تان ڪمدار ڀيڻ اغوا ڪري ويو، مائٽن جواحتجاج

جروار(محمد بخش گبول) يارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صوڀولنڊ جي رهواسين عورتن۽ مردن مائي عابده پروين لنڊ، معشوق لنڊ، وقارلنڊ ۽ ٻين جروار پريس ڪلب پهچي وڏيري جي ڪمدار ۽ يارولنڊ پوليس خلاف احتجاج ڪيو. مائي عابدپروين لنڊ صحافين آڏو روئيندي چيو ته وڏيري جو ڪمدار مولابخش عرف مولڻ لنڊ منهنجي ڀيڻ وزيران جو سڱ گهريو ۽ چيائين ته مان هن سان شادي ڪندس. ڪيترين ئي سالن کان ڪمدار سڱ لاء تنگ ڪندو پئي آيو پر اسين انڪار ڪندارهياسين، گذريل ڏينهن ڪمدار مولابخش لنڊ پنهنجي ساٿين سان گڏ  اسان مٿان تشدد ڪيو ۽  ساٿين جي مدد سان منهنجي ماء رشيدان، ڀيڻ وزيران ۽ ننڍي ڀاء سردار بخش لنڊ کي رسن سان ٻڌي گاڏي ۾ کڻي پنهنجي بنگلي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته هاڻي ڌمڪيون ڏئي ٿو ته ٻن ڏينهن جي اندر جيڪڏھن نڪاح وزيران سان خوشي سان نه ڪرائيندو ته زبردستي نڪاح ڪندس. هن وڌيڪ چيو ته يارولنڊ ٿاڻي تي دانهن کڻي وياسين، پوليس جوابدارن مولابخش لنڊ، زمان لنڊ، نثارلنڊ، سلطان لنڊ، نظر محمد ۽ احسان لنڊ سميت 10ڄڻڻ تي صرف اين سي داخل ڪري اسان کي واپس موٽائي ڇڏيو آھي يارولنڊ پوليس نه ڪيس داخل ڪري ٿي ۽ نه وري اسان جي قيد ٿيل عورتن ۽مرد کي آزاد ڪرائي ڏئي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته ايس پي نوٽيس وٺي انصاف ڪري نه ته اسين جوابدارن ۽ پوليس خلاف ڪورٽ ۾ وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو