ڀيٽور ۾ سولر پليٽس ۽ پکا ورهائڻ جي تقريب

خانپورمهر(رپورٽ حميد سيال) گهوٽڪي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين حاجي خان مهر مختلف يوسيز جي چيئرمينن ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن سان گڏ خانڳڙهه تعلقي جي يوسي ڀيٽور جي مختلف ڳوٺن، دليل ميتلو، حيات ڀنڀرو ۽ ڳوٺ شاهپورمهر ۾ پڪي روڊ رستن توڙي نالين جي 50 لک روپين جي ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪيو. ضلعي چيئرمين هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي اسڪيمن جو جائزو ورتو. شاهپورمهر ۾ يوسي ڀيٽور پاران 200 سو مستحقين ۾ سولر پليٽون ۽ پکا ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي حاجي خان مهر چيو ته ٻين يوسيز جي غريب مستحق ماڻهن ۾ پڻ سولر پليٽون ۽ پکا ورهائينداسين. ضلعي چيئرمين چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي 850 ڳوٺن ۾ ترقياتي اسڪيمون جاري آهن ضلعي ۾ پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي جو وڏو مسئلو آهي ان ڪري ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ بنا ڪنهن ذات پات جي فرق جي پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽ لڳايا پيا وڃن.هن چيو ته مختلف اسڪولن ۾ فرنيچر توڙي اسپتالن ۾ گهربل سهوليتون پڻ فراهم ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو