ڀرپور تياري سان اليڪشن ۾ اينداسين: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو ڀرپور تياري سان اليڪشن وڙهندا.لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان پارٽي اڳواڻن ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن ملاقات ڪئي.ملاقات ڪندڙن ۾ علي پرويز ملڪ، قاسم نون، مظهر اقبال ۽ سلمان خان به شامل هئا.ملاقات ۾ تنظيمي معاملن ۽ چونڊن جي تيارين تي غور ويچار ڪيو ويو.شهباز شريف چونڊ تيارين تي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جوش کي ساراهيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته هو الله جي فضل ۽ عوام جي اعتماد سان اليڪشن کٽيندو.هن چيو ته پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ ن ليگ جي ڪاميابي ضروري آهي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته عوام مسلم ليگ ن کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏئي دهشتگرديءَ جهڙي مهانگائي جي کمر ٽوڙي ڇڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو