ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ پي پي ايم پي اي جو ڀائٽيو گرفتار

ٽنڊومحمدخان(لال بخش سٺيو) ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي عبدلڪريم سومرو جو  ڀائيٽو مزمل سومرو پنھنجي ساٿي صدام حسين سومرو سميت  حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو آھي. حسين آباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او  قربان علي عاقلاڻي معروف تاجر فرقان ميمڻ کان ڀتو وصول ڪرڻ جي نيت سان ويندڙ  ٻن ملزمن کي موقعي تان ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو.  جوابدارن کان ھڪ موٽر سائيڪل ۽ ٻه عدد ٽي ٽي پستول برآمد ڪيا ويا. مٿن دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته ھڪ ملز منٺار ڀڄي وڃڻ م ڪامياب ٿي ويو جنھن جي تلاش جاري آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو