ڀارت جي ڪارڪردگي ڪرپٽو کان وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي: سهواگ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)گذريل ڏينهن ڀارت خلاف پاڪستان جي شڪست تي اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ هاڻ پنهنجي ئي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جو مذاق اڏائي رهيو آهي.سهواگ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي بنگلاديش خلاف ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي تي دلچسپ ٽوئيٽ ڪيو.پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وريندر سهواگ ڀارتي ٽيم جي حوالي سان چيو ته ان جي ڪارڪردگي ڪرپٽو کان به تيزيءَ سان گهٽجي رهي آهي.بنگلاديش خلاف مسلسل ٻي شڪست تي وريندر سهواگ چيو ته ٽيم کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.واضح رهي ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ ۾ بنگال ٽائيگرز ڀارت کي شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ ٻه صفر جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.بنگلاديش ڀارت کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 5 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو