مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي تي لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. هر سال ڪشميري ڀارت جي جمهوريت جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا آهن، والاريل ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال آهي. آزاد ڪشمير ۾ جي گادي واري شهر ۾ برهان واسي چوڪ تي ڪشميرين طرفان ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڀارت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. اسلام آباد ۾ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته ڀارت جي دهشتگردي آمريڪا ۽ ڪئنيڊا تائين پهچي چڪي آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ڪشميرين کي خود ارايت جو حق ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ ڪشميرين وچ ۾ ازلي رشتو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو ته هو ڪشميرين جي ڀرپور حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهن، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا..










