ڀارتي پرڏيهي وزير پاڪستاني خدشا درست ثابت ڪيا، ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي کاتي جي وزير جيشنڪر جو بيان پاڪستان جي خدشن جي تصديق آهي ۽ اسين ايف اي ٽي ايف ۾ اهو معاملو اٿارينداسين. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير ڪالهه چيو آهي ته ڀارتي جنتا پارٽي جي حڪومت ۽ ان جي سربراهه وزيراعظم نريندرا مودي جي اها ڪاميابي آهي ته اسين پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکرايو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته هڪ ٽيڪنيڪل فورم کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پاڪستان اينٽي مني لانڊرنگ قانون سميت ايف اي ٽي ايف جي شرطن تي مڪمل عمل ڪري رهيو آهي. 

ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان

پهنجو تبصرو موڪليو