ڀارتي عام چونڊون مڪمل، نتيجا 23 مئي تي پڌرا ٿيندا

نئين دلي( م ڊ) ڀارتي لوڪ سڀا جي عام چونڊن جو آخري يعني 7 مرحلي جو چونڊ عمل مڪمل ٿي ويو آهي ۽ 59 سيٽن لاءِ مقامي وقت مطابق شام ڇهين وڳي پولنگ ختم ٿي. 11 اپريل کان شروع ٿيل چونڊ عمل اڄ پڄاڻي تي پهچي ويو ۽ 23 مئي تي ڳڻپ بعد نتيجن جو اعلان ٿيندو. 543 لوڪ سڀا جي سيٽن مان اڪثريت لاءِ 272 سيٽون گهربل آهن. اڄوڪي اليڪشن ۾ اتر پرديش رياست جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي ڪل آبادي برابر يعني 20ڪروڙ آبادي واري هن غربت جي ماريل رياست ۾ 80 سيٽون آهن. دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت سڏجندڙ ڀارت ۾ 2019 جي عام چونڊن ۾ 90 ڪروڙ اهل ووٽر آهن، 670 سياسي جماعتن جا 8000 کان وڌيڪ اميدوار ميدان ۾ آهن. گذريل ڇهن مرحلن م هن مهل تائين ووٽنگ جي شرح 63 سيڪڙو رهي آهي. موجود اليڪشن دوران 20 لک اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون چوري ٿيڻ اليڪشن ڪميشن تي سواليا نشان آهي. حڪمران انتها پسند جماعت ڀارتي جنتا پارٽي ۽ ڪانگريس ۾ اصل مقابلو آهي. ننڍين پارٽين جو ڪردار به اهم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو