ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ مينهن ۽ ٿڊو ڊيم ڀرڻ کان پوءِ ڪراچي جي ملير ۽ لياري ندي اوور فلو ٿي وئي ، پاڻي آس پاس جي آبادين ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترن ئي ماڻهن جي ڦاٿل هجڻ جي اطلاع تي بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن، ٿڊو ڊيم مان ٻوڏ جو پاڻي اسڪيم 33 جي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، ٿڊو ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب پاڻي ايم-9 سان ٽڪرائجي ويو، ايم-9 جمالي پل جي ويجهو پاڻي سان ڀرجي ويو، سنڌ حڪومت ايم-9 جي وچين ڀت کي ٽوڙي پاڻي کي رستو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لياري ندي ۾ به ٻوڏ سبب پاڻي ايف بي ايريا، شفيق ڪالوني، حسن نعمان ڪالوني، سهراب ڳوٺ، لياري بڪرا پيدي جي ويجهو گهرن ۾ داخل ٿي ويو، ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿيڻ سبب ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ڦاسي ويا، ٻيڙين سان بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن، گلشن اقبال ويجهو لياري درياءَ ۾ ڦاٿل 2 ماڻهن کي محفوظ طور تي بچايو ويو.










