ٿر کي ماڊل ٺاهيو،سهولتون ڏيو،مانيٽرنگ ڪميٽي جواهم اجلاس

مٺي (لياقت نھڙيو ) سپريم ڪورٽ پاران ٿر جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت جوڙيل مانيٽرنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪنوينر ۽ سيڪريٽري امپليمنٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊاڪٽر  رياض احمد صديقي جي سربراهي ۾ درٻار هال مٺي ۾ منعقد ٿي . ڪاميٽي ميمبرن ۾  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ، ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ ،  ڊاڪٽر سونو کنگهراڻي کان علاوه  ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم ، ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ ڊاڪٽر مسعود احمد سولنگي ، صحت ، تعليم ، لائيو اسٽاڪ ، ٻيلي کاتي ، روڊس ، زراعت ، پاڪ اوئيسس ڪمپني . پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي .  گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾  صحت  جون بهتر سهولتون پهچائڻ جي سلسلي ۾ مانيٽرنگ ڪاميٽي پاران ٿر کي ماڊل ضلعو قرار ڏيڻ لاءِ گهڻ رخي منصوبو بندي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش مرتب ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ جلد از جلد  ڊائريڪٽر جنرل کي  دوائن جي فراهمي ڊاڪٽرن جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ۽ جديد مشينري مختلف ٽيسٽون ۽ مٺي اسپتال کان علاوه ٿرپارڪر ضلعي جي مڙني اسپتالن کي جديد بنائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي  ۽ اها پڻ هدايت ڪئي ته اسپتالن ۾ مريضن کي علاج معالجي جي سهولتن ۽ دوائن  جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ۽ ايمبولينس سروس فراهم ڪرڻ لاءِ ضابطو جوڙيو وڃي ته جئين  ماڻهن کي صحت جي حوالي سان سهولتون فراهم ٿي سگهن .

گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي   ۽ ساڳئي طرح ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر کي هدايت ڪئي وئي ته هو سول اسپتال مٺي جي ڪارڪاردگي بهتر بنائڻ لاءِ مانيٽرنگ  تي خصوصي توجهه ڏي. گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر جنرل صحت کي چيو ويو ته  ٻين ضلعن جي مقابلي ۾ ٿرپارڪر ضلعي  کي دوائن جي خريداري جي حوالي سان الڳ پئڪيج ڏنو وڃي جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وڃي ۽ اهو پڻ چيو ويو ته  فوري طور تي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڊاڪٽرن جي خالي پيل جاين تي ڊاڪٽرن جي مقرري ڪري ته جئين ٿر جهڙي پسمانده علائقي ۾ عوام کي صحت جون وڌيڪ سهولتون فراهم ٿي سگهن . ڪاميٽي گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي واضح ڪيو  ته  سرڪاري ملازمت ڪندڙ ڊاڪٽرن کي  مٺي ۾ پرائيويٽ پريڪٽس ڪرڻ تي مڪمل طور تي پابندي لڳائڻ سان پڻ هاڪاري اثرات مرتب ٿيا آهن  ۽ ان صورت ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي تعداد ۾ اضافي هئڻ جي صورت ۾ انهن مريضن جو مناسب  علاج ٿي رهيو آهي ڇا ڪاڻ ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ خاص  توجهه پڻ ڏئي رهي آهي  ۽ اها سنڌ حڪومت جي خاص ترجيح آهي . سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته پوري سنڌ ۾  صحت جي شعبي کي نمايان ترقي وٺرائجي ۽ ان سلسلي ۾ ٿرپارڪر کي اوليت ڏني پئي وڃي ، هن وڌيڪ چيو ته مانيٽرنگ ڪاميٽي جي تڪڙي گڏجاڻين سان ٿر جي مختلف کاتن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري نظر آئي آهي ۽ اڃا به بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي . هن ساڳي طرح ميڊيا کي چيو تي ٿرپارڪرجيئن اڳ ۾ هيو هاڻي ائين ناهي هتان جو هاڻ نقشوتبديل ٿي ويو آهي هتي روڊ نيٽ ورڪ پئيڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو ويو آهي ۽ سياحت بهتر هئڻ ڪري ماڻهن کي ٿر گهمڻ  جو موقعو فراهم ٿيو آهي.

هن وڌيڪ  چيو ته صحت جي مسئلن جي حل لاء رابطو آفس مقرر ڪيو وڃي جيڪو روزانو جي بنياد تي ضلعي اطلاعات آفس ۽ ميڊيا کي آگاهي رپورٽ فراهم ڪري. انهي موقعي ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ جيڪو هن ڪاميٽي جو ممبر پڻ آهي . سڀني کاتن کي چيو  ته هن ڪميشن جي قيام جو مقصد جتي جتي صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جا مسئلا هجن انهن جي ازالي ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت کي متعلقه ادارا سفارشون  تيار ڪري ڏين ته  جيئن انهن تي  جلد عملدرآمد ڪيو وڃي ته هتان جي ماڻهن کي سهولتون  حاصل ٿي سگهن . هن چيو تي صحت کاتي ۽ پي پي ايچ آئي کي پنهنجو مثبت ڪردار نڀائڻو  آهي  ۽ انهن سٺو ڪم ڪيو آهي وڌيڪ محنت ڪرڻ سان اڃا بهتري ٿيندي ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن عبدالوحيد شيخ چيو ته تمام لاڳاپيل کاتا پنهنجي بجيٽ   ۽ ضروري تجويزون  پنهنجي کاتي جي وسيلي به فنانس تائين پهچائين . ڊائريڪٽر جنرل صحت سنڌ ٻڌايو ته اسان ٿر کي صحت جي حوالي سان ماڊل ضلعو بنائڻ لاءِ مستقل بنيادن تي هڪ جامع منصوبه بندي ڪري رهيا آهيون جنهن تحت ٿر جي سموريون اسپتالون جديد سهولتن سان آراسته ٿي وينديون . گڏجاڻي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ سيڪينڊري ۽ هائير سيڪينڊري بابت ضلعي آفيسر ٿرپارڪر دولت رام ٻڌايو ته ٿرپارڪر ضلعي جي 120 اسڪولن ۾ فرنيچر ، 15 اسڪولن ۾ لائبريريون ، 20 اسڪولن ۾ سائنس هال ۽ 15 اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ليب آهن جتي شاگردن کي تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ڪاميٽي پاران گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي ڪلاسن جي لاءِ حوالي ڪيل هالن ۾ ڪو به تدريسي عمل نه هلڻ سبب  ڪاليج کي واپس ڏنا وڃن ڇاڪاڻ ته گورنمينٽ بوائز ڪاليج ۾ 2057 شاگرد داخل آهن ۽ بوائز ڪاليج جي شاگردن جي لاءِ ڪلاس روم گهٽ آهن  واري فيصلي جي پوائيواري بابت ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز جي شرڪت نه ڪرڻ تي  ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ويو ۽ کيس شوڪاز نوٽيس  ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي . ڪاميٽي ميمبرن پاران ٿر ۾ ماڻهن کي پئيڻ جي پاڻي جي حوالي سان آر او پلانٽ کي هلائڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ جي پيش ڪيل رپورٽ  اسپيشل  سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ  غلام مصطفيٰ  کي  چيو  ته هو ٿرپارڪر ضلعي ۾ لڳل آر او پلانٽس کي هلائڻ جي  پاڻ نگراني ڪري ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ۽ جلد  رهيل آر او پلانٽس لڳرائي فعال بڻايو وڃي ته جئين ماڻهن کي پئيڻ جي پاڻي جي فراهمي جي سهولت فراهم ٿي سگهي .  ان موقعي تي  اسپيشل سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ٻڌايو ته آر او پلانٽس جي  آپريٽرز جي پگهارن جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر چيو ته اوور سائيٽ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ آر او پلانٽس فعال بنائڻ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ذميواري آهي جيڪي انهن کي فعال ڪرڻا آهن . گڏجاڻي ۾ ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص عبدالوحيد شيخ هدايت ڪندي چيو ته جيڪي نوان آر او پلانٽس لڳڻا آهن انهن کي ترجيحي بنيادن تي لڳايا وڃن ۽ جيڪي بند پيا آهن انهن کي جلد فعال بڻايو وڃي ته جئين ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي  جلد ممڪن ٿي سگهي . لائيو اسٽاڪ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي اڪبر چيو ته ٿر ۾ وٽنري ميڊيڪل اسٽور قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن تي ڪاميٽي ميمبرن هدايت ڪئي ته کين پنهنجي کاتي وسيلي سفارش موڪلي وڃي . سيڪريٽري رياض احمد صديقي  ڊائريڪٽر جنرل صحت کي هدايت ڪئي ته جن به ميڊيڪل اسٽورن تي جانورن جون دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن انهن  تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي  ڇاڪاڻ ته اهي دوائون انساني صحت لاءِ نقصان ڪار  آهن . گڏجاڻي ۾ ٻيلي کاتي جي آفيسرن آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته پوري ٿرپارڪر ضلعي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ  مختلف قسمن جا ٻوٽا شجرڪاري مهم دوران لڳايا ويا آهن ۽ جتي به ضرورت آهي اتي ٻوٽن جون چڪيون فراهم ڪيون پيون وڃن.گڏجاڻي ۾ سول اسپتال مٺي ۾ هلندڙ مرمتي ڪم بابت ۽ روڊس کاتي بابت پڻ آگاهي ورتي وئي . خوراڪ کاتي جي نمائيندي کي اٽي جي اگهه کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پڻ هدايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ايڪسئين ڊيم آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ننگرپارڪر  جي ڊيمن ۾ پاڻي موجود آهي جيڪو ننگرپارڪر واسين جي لاءِ هڪ سال تائين پيئڻ جي پاڻي ۽ استعمال لاءَ ڪافي آهي . ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج بنيادي سهولتن جي کوٽ بابت روازاني سنڌيار ۾ شايغ ٿيندڙ خبرن جو نوٽيس وٺندي مختلف کاٽن کي خط لکيا هئا ۽ انهن بابت به سنڏيار نيوز خبرون بريڪ ڪيون هيون جن تي نوٽيس وٺندي سنڌ سرڪار ۽ اعليٰ عدالتن نوٽيس وٺندي مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو