ٿرڪول ٻيو بحريا ٽائون بڻجي چڪو آهي، ارباب رحيم

ڏيپلو(ن سنڌيار)سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ جي ڊي اي جي اهم اڳواڻ ارباب غلام رحيم وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري جي ڊي اي کي الوداع چئي ڇڏيو آهي ۽ تحريڪ انصاف ۾ باضابطا شموليت ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ارباب غلام رحيم کي سنڌ ۾ اهم ذميواري ملڻ جو امڪان آهي. ارباب غلام رحيم جو چوڻ آهي ته، موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ واحد جماعت آهي جنهن ڪرپشن خلاف شعور وڌايو آهي، وزيراعظم جهڙي نموني آمريڪا کي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڀارت کي جواب ڏنو آهي، ان تي وزيراعظم جي موقف کان متاثر ٿي سندس هٿ مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ پارٽي جي مضبوطي لاءِ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهيان. ھاڻي ڪوشش ڪنداسين ته پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾ مضبوط ڪيو وڃي.

Arbab G Rahim meets PM Imran Khan, Photo OID

ارباب غلام رحيم جو چوڻ آهي ته، جي ڊي اي ۾ ڪنهن سان به اختلاف نه آهن، پير صاحب اسان جو محسن آهي، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ٻئي گڏ هلندا، آئون ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪندس. ٿرڪول ۾ پورهيت دودو ڀيل جي تشدد سبب موت واري واقعي تي ڳالهائيندي هن ته، ٿرڪول ٻيو بحريا ٽائون بڻجي ويو آهي، اينگرو وارن جو زيادتيون وڌي ويون آهن، انهن کان ڪير به پُڇڻ وارو ناهي. ماڻهو پ پ وارن کان پُڇاڻو ڪن ته مقامي ماڻهن سان ايڏيون زيادتيون ڇو آهن، مون اڄ پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي آهي، آئون ان معاملي تي وزير اعظم سان ڳالهائيندس، ڀرپور آواز اٿاريندس، ناانصافيون ٿيڻ نه ڏينداسين نه وري پورهيت جو خون ضايع ٿيڻ ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو