ڪراچي ( رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته عورت پوليس اهلڪارن کي ٿاڻن ۾ هيڊ محرر طور مقرر ڪيو ويندو . ميڊيا رپورٽن موجب سڄي صوبي ۾عورت پوليس ملازمن کي وڌيڪ موقعا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عورتن کي ٿاڻي ۾ ڊيوٽي آفيسر پڻ مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته پهريان ئي مختلف ٿاڻن ۾ ليڊي ايس ايڇ اوز به مقرر آهن.آءِ جي سنڌ جو چوڻ آحي ته نين بڪتربند گاڏيون آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ضرورت پوڻ تي پر ايئر ايمبولينس جو استعمال به ڪنداسين.غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته سٺن آفيسرن جو حوصلو واڌائڻ لاءِ کين انعامن سان نوازيو ويندو ۽ گڏ ئي بُري ساک رکندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ٿاڻن ۾ لاڪ اپ ۽ ڪمرن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ لڳايو وينديون ته جيئن جوابدارن جي چر پر ي نظر رکي سگهجي انکانسواءِ ٿاڻن کان ٻاهر به ڪيمرائون لڳايون وينديون.










