پ پ چيئرمين جي تربت ۾ مسافر بس تي حملي جي مذمت

پ پ چيئرمين جي تربت ۾ مسافر بس تي حملي جي مذمت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تربت ۾ مسافر بس کي ڌماڪي سان نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي انسانيت سان دشمني آهي، آخري دهشتگرد جي انت تائين اسان وڙهنداسين ۽ کٽينداسين، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ 5 ايف سي اهلڪار سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي ايس ايس پي ذوهيب محسن سميت سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حملي ۾ ملوث سمورن ڏوهارين کي آخري انجام تائين سک سان نه ويهنداسين، بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته ڌماڪي ۾ شهيد اهلڪارن ۽ شهرين جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو