پ پ پاران سنڌ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اميدوارن جي لسٽ پڌري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ سنڌ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ سنڌ ۾ چونڊن لاءِ پنهنجي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سڀني 53 سيٽن تي پ پ چونڊ وڙهندي، قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چونڊ وڙهندو. ان کانسواءِ خورشيد شاهه، اعجاز جکراڻي، نفيسا شاهه، شازيا مري، نويد قمر، رسول بخش چانڊيو، نبيل گبول ۽ عبدالقادر پٽيل به اليڪشن ۾ حصو وٺندا. سنڌ اسيمبلي جي سڀني 119 سيٽن تي پ پ چونڊن ۾ حصو وٺندي.

Final List of Candidates for National Assembly Sindh

Final List of Candidates for Provincial Assembly Sindh

پهنجو تبصرو موڪليو