پ پ عام چونڊن لاءِ هر تڪ مان اميدوار فائنل ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پارٽي ايندڙ عام چونڊن لاءِ هر تڪ مان پنهنجو اميدوار فائنل ڪري ورتو آهي. ملڪ ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊن جي اعلان کانپوءِ سياسي جماعتن طرفان تياريون جاري آهن، اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري جو اهم بيان سامهون آيو آهي. نيئر بخاري چيو آهي ته پ پ هر تڪ مان پنهنجو اميدوار فائنل ڪري ورتو آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ پارليامينٽ ۾ اڪثريتي جماعت ۽ بلاول ڀٽو وزيراعظم هوندو. هن چيو ته پ پ خلاف اقتدار جي بکين جو غير فطري اتحاد نئين ڳالهه ناهي، اسان عوام جي طاقت تي يقين رکون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو