پ پ اڳواڻ جي زرداري سان ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻن ملاقات ڪئي،ترجمان موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي وقتي صدر رانا فاروق سعيد ۽ پيپلز پارٽي لاهور جي صدر اسلم گل ملاقات ڪئي، آصف زرداري سان پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي عورت ڊپارٽمينٽ جي صدر ثمينه خالد گهرڪي، نواب شهزاد علي خان ۽ سفيان گهراڻي به ملاقات ڪئي،صدر آصف زرداري ۽ پ پ اڳواڻن وچ ۾ پنجاب جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون

پهنجو تبصرو موڪليو