اسلان آڀباد (بيورو)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان بجيٽ ڳالهين ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پگھارون ۽ پينشن وڌائڻ جي تجويزن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا کان ورتي ويندي سڀ کان وڏي رقم 4400 ارب رپيا قرضن ۽ سود جي واپسي لاءِ مختص ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صوبن کي 4200 ارب رپيا، دفاع لاءِ 1523 ارب رپيا، ترقياتي بجيٽ لاءِ 800 ارب رپيا، گرانٽس ۽ سبسڊيز لاءِ 580 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. 580 ارب رپيا ۽ پينشن لاءِ 550 ارب رپيا رکيا ويا حڪومتي معاملن کي هلائڻ لاءِ 527 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته بجيٽ خسارو 4800 ارب رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.










