پڇڙي جي آبادگارن جو ڌرڻو ٿر ڪول روڊ 4 ڪلاڪ بند

پڇڙي جي آبادگارن جو ڌرڻو ٿر ڪول روڊ 4 ڪلاڪ بند

بدين( رپورٽ مرتضي ميمڻ)کوسڪي شادي اسمال جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگارن جي ريلي بدين ٿرپارڪر روڊ تي ڌرڻو 4 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل ايريگيشن عملدارن سان ڳالھين خاطري کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو. علائقي جي ھڪ درجن کان وڌيڪ مختلف واھن ۽ شاخن بھادر واھ کوسڪي. شادي لارج واھ. ڊيفينس مائنر. سي پوائنٽ. ڌٻڻي مائنر. ٻيڙو ويران. ڪمبارڙو. کوسڪي مائنر. پاڌر. ۾ گذريل چھ مھينن کان مسلسل پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف سوين آبادگار روڊن تي نڪري آيا مختلف علائقن جي واھن ۽شاخن جي آبادگارن. عزيز الله ڏيرو. سعدالله بروهي. رب ڏنو نوتيار. . ميان بشير. شڪور ڀوت. علي اڪبر ڀوت. صادق ملاح غفور چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بدين ٿرپارڪر روڊ تي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري کوسڪي باءپاس تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ڌرڻي سبب چئن ڪلاڪن تائين ٿرڪول روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون 4 ڪلاڪن تائين روڊ بند ھجڻ سبب مسافر گاڏين ۾ سفر ڪندڙ سوين مريض عورتون ننڍڙاٻار ۽ٻين مسافرن کي سخت اس ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻ پيو مين بدين ٿرپارڪر روڊ تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪندي اڳواڻن چيو ته پنجاب اسان جي حصي جو پاڻي گھٽايو آهي ۽ جيڪو پاڻي سنڌ کي ملي پيو ان تي سنڌ جا وڏيرا ڀوتار ۽جاگيردار طبقو قابض آهي ۽ پوڇڙ جي پاڻي تي اھو سگھارا ماڻهو قابض آهن جيڪي حڪومتي ڌر ۾ ويٺل آهن گذريل چھ مھينن کان شادي اسمال واھ جي واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي ناهي. جنهن سبب 2 لک ايڪڙن کان وڌيڪ سون جھڙي زرعي زمينون مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويون آهن ۽ علائقي جا آبادگار ۽ھاري مزدور لڏپلاڻ تي مجبور آهن ابن ڏاڏن جون زمينون آھن چڏي به نٿا سگهون اسان وٽ ڪربلا واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته علائقي جا چونڊيل نمائندا اسان کان ووٽ وٺي گم ٿي ويا آهن ڪنھن کي دانهن ڏجي ڌرڻي ۾ موجود پنج سئو کان وڌيڪ آبادگارن ۽ هارين وڇن ڪيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪنهن به پارٽي کي ووٽ نه ڏينداسين سخت گرمي سبب پاڌر شاخ جو آباد گار ممتاز علي نوتيار بيھوش ٿي ڪري پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو . چئن ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻي ۾ ايس ڊي او ايريگيشن. فياض قمبراڻي. انجئنر اشرف کٽي ۽ ٻيا عملدار پھتا ايريگيشن عملدارن يقين ڏياريو ته ٻن ڏينهن ۾ سڀني شاخن جي ٽيلن تي پاڻي پھچايو ويندو آبادگارن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن ۾ اسان کي حصي جو پاڻي نه مليو ته ٻيھر بدين ٿرپارڪر روڊ تي ھزارين آبادگارن سان گڏ ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو