پٽ فيڊر ۾ پراڻي دشمني تان 2 ڄڻا قتل، جوابدار فرار

ڪشمور(ن س) نصيرآباد جي پٽ فيڊر واري علائقي ۾ گيس پائپ لائن جي ڀرسان جمالدين عمراڻي ۽ حر فقيرعمراڻي کي پراڻي دشمني تي سندس مخالفن بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري، جوابدار فرار ٿي ويا. نصيرآباد جي سٽي پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ لاش کڻائي ڊيرا مراد جمالي جي سول اسپتال ۾ آندا آهن. خبر فائيل ٿيڻ تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو هو ۽ ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو