پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي؛ اداڪار

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ٽي وي اسٽيج ۽ سنڌي فلمن جو اداڪار راجا نواب سولنگي جو پنهنجي ذهني مريض پٽ جي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ راڌڻ شھر جي سيوهاڻي چوڪ تي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي راجا نواب سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته آئون 100 کان وڌيڪ  اسٽيج ڊارما ۽ 30کان وڌيڪ فلمون ڪيون آهن هاڻي پيرسن ٿي چڪو آهيان. ڪافي وقت کان منهنجو نوجوان پٽ 19 سالاصدام سولنگي  ذهني مريض ٿي ويو آھي غربت سبب کين  هن مهانگائي جي دور ۾ مان گهر جو خرچ به سورن سان هلائي پيٽ گذر ڪريان ٿو مالي سهائتا نه هجڻ سبب پٽ جو علاج ڪرائڻ کان قاصرآهيان مجبوري سبب پٽن سان گڏ سيوهاڻي روڊ تي پنهنجي پٽ صدام سولنگي جي علاج لاءِ احتجاج ڪري سنڌ سرڪار، ايم پي اي فياض علي ٻٽ ۽ لاڳاپيل ادارن کان پٽ جي علاج جي مدد جي اپيل ڪريان ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو