جيڪب آباد (ن س) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم حڪومت جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي گهر ڪئي آهي ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ۽ عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ50 فيصد گهٽتائي ڪئي وڃي، ٺُل ۾ نوجوان صدام لاشاري جو عدالت کان مٿاهين قتل جي مذمت ۽ عدالتي جانچ جي گهر ڪريون ٿا، جيڪب آباد سميت سنڌ ۾ عملي طور ڌاڙيل راڄ قائم آهي، جيڪب آباد مان پورهيت رحيم بخش سومرو جو ڀُنگ لاءِ اغوا وارو واقعو حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن لاءِ فڪر جو مقام آهي. اهڙن خيلان جو اظهار هن جيڪب آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن سنڌ جي امير تنظيمي اجلاس ۽ “ دستڪ مُهم” جي حوالي سان بازارن جو دورو ۽ عوامي رابطي جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سميت پورو ملڪ تيل، گئس، ڪوئلي سميت قدرتي دولت سان مالا مال آهي، پر اصل کوٽ هتي مخلص ۽ ديانتدار قيادت جو آهي جنهن لاءِ جماعت اسلامي پاڻ پتوڙي رهي آهي، حڪمرانن جي بي حسي ۽ چونڊيل نمائندن جي ناانصافي جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان کي ٺهي76 سال گذري چڪا آهن، پر اڄ به جيڪب آباد جا شهري ڪوڙو ۽کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن.جيڪا قيادت عوام کي صاف پاڻي ڏيڻ جي صلاحيت به نٿي رکي اها عوام جا ٻيا وري ڪهڙا مسئلا حل ڪري سگهندي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ تباهي ۾ سڀ کان وڏو حصو هتان جي بيوروڪريسي جو آهي جيڪا نااهل قيادت کي چونڊن ۾ زوري کٽرائڻ سان گڏو گڏ روڊ رستا صرف ڪاغذن ۾ ٺهيل ڏيکاري اربين رپيا هڙپ ڪرڻ جي ماهر آهي، انڪري جماعت اسلامي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ “ دستڪ مُهم” ذريعي جاکوڙي رهي آهي ته جيئن مخلص قيادت اقتدار ۾ اچي ۽ ملڪ توڙي قوم جا مسئلا حل ٿي سگهن.










