اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ پي ڊي ايم اڄ اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي سامهون احتجاج ڪري رهي آهي، مختلف سياسي جماعتن جا قافلا ۽ ميڊيا جا نمائندا پهچي ويا آهن. جڏهن ته پي ڊي ايم جا مرڪزي اڳواڻ به ڪنٽينر تي موجود آهن. 1800 کان مٿي سيڪورٽي اهلڪار مقرر آهن. حڪومت رستن تي ڪنٽينر رکر رستا بند ڪيا هئا. جيڪي عين وقت تي هٽايا ويا، مولانا فضل آلرحمان چيو ته جيڪڏهن ڪنٽينر نه هٽائين ها ته اسين پاڻ هٽايون ها. بلاول ڀٽو عمر ڪوٽ جي صوبائي اسمبلي جي تڪ 52 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار جي سيد امير علي شاهه جي ڪاميابي جي جشن ۾ مصروف هو. سيد علي مردان شاهه جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ تي سندس اڪيلو پٽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام الرحيم کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. سڀ گڏ پهچندا. اپوزيشن جو مڀالبو آهي ته ثبوت مڪمل هئڻ جي باوجود 6 سالن کان پي ٽي آءِ جي خلاف فارين فنڊنگ ڪيس ۾ فوري فيصلو ٻڌايو وڃي. اسلام آباد انتظاميه پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم جي اليڪشن ڪميشن جي سامهون مظاهري کي نظر ۾ رکندي ڀرپور تياريون ڪيون آهن.احتجاج کي روڪڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي عمارت جي اڳيان رڪاوٽون ۽ خاردار تارون لڳايون ويون آهن جڏهن ته اي سي پي بلڊنگ ڏانهن ويندڙ روڊ مڪمل طور تي سِيل ڪيو ويوآهي. مظاهرين سرينگر هاءِ وي کان ريڊ زون ۾ داخل ٿيندا.ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته هو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪندا ته ڏوهه بابت فيصلو ٻڌايو وڃي جيڪو اڳ ئي اعتراف ڪيو ويو آهي.مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته غير جمهوري قوتون سياست ۾مداخلت ختم ڪرڻ چاهن ٿيون ته مسلم ليگ ن جو ڪنهن سان بهجهيڙو ناهي.ان کان علاوه پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ واري احتجاج ۾ حصو نه وٺندو.هن چيو هو آهي ته هو اڄ عمرڪوٽ ۾ پيپلزپارٽي جي فتح جو جشن ملهائيندا.بلاول ڀٽو چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ ڳٺجوڙ ختم ٿيڻ گهرجي.










