پي پي ايم اين جي گهر جا 3 غيرقانوني بجلي ڪنيڪشن ڪاٽا

پنوعاقل )سنتوش ڪمار ) پيپلزپارٽي جي  ايم اين اي شازيه اسلم سومرو ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب سومرو جي هائوس تي سي اي او واپڊا سکر جي ٽيم پاران ڇاپو هڻي ٽي غيرقانوني ڪنيڪشن پڪڙڻ بعد ڪٽي ڇڏيا. رابطو ڪرڻ تي واپڊا پنو عاقل جي عملدارن ٻڌايو ته سي اي او سکر جي ٽيم عقيل جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ سومرو  هائوس تي ڇاپو هنيو جنهن دوران ٽي غيرقانوني ڪنيڪشن پڪڙيا ويا، جنهن بعد ٽيم لڳل غيرقانوني ڪنيڪشن  ڪاٽي ڇڏيا آهن. جڏهن ته غيرقانوني ڪنيڪشن ڪٽڻ بعد ڪا به ڪاروائي عمل نه آندي وئي آهي هنن چيو ته ڪاروائي سي اي او سکر پاڻ ڪندو، ٻئي پاسي پيپلزپارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر آفتاب سومرو کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو جنهن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو