لطيف کوسو پي پي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)سينيئر وڪيل لطيف کوسا پيپلز پارٽيءَ کان رستا ڌار ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آهي، لاهور ۾ تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندي لطيف کوسا چيو ته اميد آهي ته نفرتن جي سياست ختم ٿيندي، پي ٽي آءِ بانيءَ جي خواهش تي تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري رهيو آهيان، صرف ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي،هن چيو ته نفرتن کي دفن ڪري پاڪستان لاءِ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو سفر شروع ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو