اسلام آباد (بيورو رپورٽ)توشا خانا ڪيس ۾ ٽي سال قيد جي سزا ملڻ کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي زمان پارڪ مان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪري ڇڏيو .ايس ايس پي سي آءِ اي ملڪ لياقت جي سربراهي ۾ پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪيو، سندس عمران خان سان گڏ تصوير به سامهون آئي هئي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي موٽروي رستي لاهور کان اسلام آباد سخت سيڪيورٽي ۾ منتقل ڪيو ويو .پوليس جي ٽيم کيس اڊيالا روڊ تان اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪيو. ميڊيڪل کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي کيس اٽڪ جيل منتقل ڪري هاءِ سيڪيورٽي زون واري لاڪ اَپ ۾ رکيو ويو آهي…..پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف سندس رهائش گاهه زمان پارڪ لاهور ۾ احتجاج ڪندڙ 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو جنهن تي پوليس 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. انکانسواءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج لاءِ آيل پنج پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
