پي ٽي آءِ پشاور ضلعي جي فارغ، عهديدار برطرف

پي ٽي آءِ پشاور ضلعي جي فارغ، عهديدار برطرف

پشاور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پشاور ضلعي جي تنظيم کي ٽوڙيو ويو. پي ٽي آءِ پشاور ضلعي تنظيم کي باضابطه طور تي ختم ڪرڻ جو بيان پڻ جاري ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته تنظيم جي خاتمي کان پوءِ، پشاور ۾ پي ٽي آءِ پارٽي تنظيم جي سڀني عهديدارن کي انهن جي ذميوارين کان فارغ ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ پشاور ريجن پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم ضلعي پارٽي جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ مستقبل ۾ ان جي ڪارڪردگي ۽ رابطي کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. واضح رهي ته عرفان سليم پي ٽي آءِ پشاور ضلعي جو صدر هو، جڏهن ته شهاب چمڪني جنرل سيڪريٽري هو.

پهنجو تبصرو موڪليو