اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ پارليامينٽ ۾ واپس اچي وئي، گڏيل اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽرن به شرڪت ڪئي.اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ جي سينيٽرن نعريبازي ڪئي، سينيٽر شهزاد وسيم چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت وڃڻ کانپوءِ اسان اڄ ايوان ۾ آياسين، اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن اهو چيو ته سيڪيورٽي صورتحال بهتر ناهي، بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي، دهشتگردي به ڏٺي پر چونڊون ٿيون.هن چيو ته جمهوري قوتون چونڊن کان ناهن ڀڄنديون، هي ملڪ ائين نٿو هلي سگهي.
