پي ٽي آءِ جا ليول پليئنگ فيلڊ نه ڏيڻ وارا الزام رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي توهين عدالت ڪيس ۾ پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي،اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ پي ٽي آءِ پاران ليول پلیئنگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ جا الزام رد ڪندي عدالت کي چيو ته پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي،جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ملاقات ڪئي وئي،ملاقات ۾ پي ٽي آءِ کي بنا ڪنهن فرق جي برابري جي ميدان فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو. اليڪشن ڪميشن طرفان چئني صوبن جي آءِ جيز کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪميشن جي جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته 26 ڊسمبر تائين سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف طرفان 33 شڪايتون داخل ڪيون ويون،پي ٽي آءِ جي شڪايتن تي قدمن ۽ هدايتن جا تفصيل به سپريم ڪورٽ کي فراهم ڪيا ويا،پي ٽي آءِ جي شڪايتن تي آءِ جي، چيف سيڪريٽري ۽ آر اوز ايڪشن رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي،اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته هو آر او جي رپورٽ جي حوالي سان ليول پلينگ نه ڏيڻ جي الزامن کي رد ڪري ٿو،تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي تڪن لاءِ 843 مان 598 نامزدگي ڪاغذ منظور ۽ 245 نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا،صوبائي اسيمبلين لاءِ پي ٽي آءِ جا 1777 نامزدگي ڪاغذن مان 1398 منظور ۽ 379 رد ڪيا ويا،اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا 76.18 سيڪڙو نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا، ان ڪري تحريڪ انصاف جو ليول پلينگ فيلڊ فراهم نه ڪرڻ جو مطالبو درست ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو