پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون جاري

پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جون پوليس سان چڪريون جاري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻن، اسد قيصر، شبلي فراز۽ گوهر خان حڪومتي نمائندن سان ملاقات بعد اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪري مشوري جي مهلت گهري آهي. حڪومت اسلام آباد بدران پشاور موڙ وٽ ڌرڻي جي اجازت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت عمران خان کي بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي فيالهال اتي رکن جي به آڇ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته جيسين عدالت مان سندس ضمانت منظور ٿئي تيسين هو بني گالا ۾ رهي. حڪومتي آڇ بعد پي ٽي اڳوان خنسان مشوري لاءِ رات 10 وڳي جيل پهتا آهن. ان کان اڳ ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ جو قافلو غازي بروٿا ۾ رات گذارڻ بعد سومر تي صبح جو اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو آهي ۽ هزاره ايڪسپريس وي تان ٿيندو هزاره انٽرچينج ڪراس ڪري پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. اٽڪ پل وٽ قافلي کي روڪڻ لاءِ ڪنٽينر لڳائي رستو بند ڪيو ويو آهي ۽ وڏي پيماني تي ڪاهلهه کان پوليس مقرر آهي. سومر تي بشرا بي بي ڪنٽينر تي آئي ۽ ڪارڪنن جو حصلو وڌائيندي منزل يعني اسلام آباد پهچڻ لاءِ کين همٿايو. ان موقعي تي علي امين گنڊاپور ڪنٽينر تي موجود نه هو. عليما خان سميت عمران خان جون ڀينر قافلي ۾ نه آهن، پنجاب جي ڪنهن به شهر مان وڏو قافلو نه نڪري سگهيو آهي. مقامي صحافين جو چوڻ اهي ته قافلي ۾ گذريل مارچ جي ڀيٽ ۾ ڪارڪنن جو تعداد گهٽ آهي. لاهور شهر اندر داتا درٻار، شاهدره سميت اندرون شهر ۾ ٽريفڪ کولي وئي آهي. پشاور کان اسلام آباد ويندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جو احتجاجي قافلو غازي بروٿا پهچي ويو آهي.پي ٽي آءِ جي احتجاجي قافلي جي اڳواڻي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي جي گهرواري ڪري رهيو آهي. قافلي ۾ ڪا به ڪنٽينر هٽائڻ واري مشينري ناهي.جيئن ته قافلو غازي بهروٿا ۾ ئي رات گذارڻ جو امڪان آهي، بشرا بي بي هڪ هنڌ ڪنٽينر تي آئي ۽ پوءِ واپس پنهنجي ڪار ۾ هلي وئي.پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته قافلي جي اڳواڻي علي امين گنڊاپور ڪري رهيو آهي، بشرا بي بي جي گاڏي قافلي ۾ شريڪ آهي.پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شرڪت لاءِ آيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون دوران حراست ۾ ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو