پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن موجب پرويز الاهي گذريل هفتي آر آءِ سي ۾ ٿيليئم ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ چيسٽ انفڪشن ۾ مبتلا ٿي ويو هو، جنهن ۾ ڪليئر ٿي ويو هو.جيل ذريعن موجب پرويز الاهي جو طبي معائنو به معمول موجب جيل جي اسپتال ۾ ڪيو ويو آهي پر سندس مڪمل طبي معائنو آر آءِ سي ۾ ڪرايو ويندو، جتي هاڻي سندس ڪجهه وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو