راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جمعي تي ٿيندڙ ملڪ گير احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا اهڙو اظهار ڪيوعمران خان چيو آهي ته مستقبل هاڻي عوام جي هٿن ۾ آهي، اسان سڀني جون مائرون، ڀينرون ۽ ڌيئرون آهن.هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ قانون نه هجي اتي ترقي ۽ سيڙپڪاري نه ٿي ٿي سگهي، اقتدار تي قابض ماڻهن کي ڏسڻو آهي ته اهي ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي رهيا آهن، سڀاڻي جو احتجاج ملتوي ڪري رهيا آهيون.سلمان اڪرم راجا چيو ته پي ٽي آءِ جو جلسو لاهور ۾ ٿيندو.










