اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي سيل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪرڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس اسٽيشن ڪراچي ڪمپني ۾ ايريا مئجسٽريٽ محمد سجاد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس داخل ڪيو ويو آهي 7 اي ٽي اي سميت ٻين شقن ۾، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد اڳواڻ عامر مغل کي نامزد ڪيو ويو آهي.پوليس عامر مغل کي رات ئي پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ٻاهران گرفتار ڪيو هو.داخل ايف آءِ آر موجب سي ڊي اي جي ڪارروائي دوران عامر مغل جيئن ئي پهتو ته هو هوائي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته عامر مغل مشتعل ماڻهن سان گڏ پوليس پارٽي تي حملي جي به ڪوشش ڪئي.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته عامر مغل جي گرفتاري دوران سندس ساٿي فرار ٿي ويا.










