پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جي ميدان ملندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته مون ڪڏهن به ناهي چيو ته اليڪشن دير ٿي ٿيندي، اليڪشن شيڊول تيار آهي ۽ جلد جاري ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن شيڊول تيار آهي جلد جاري ڪيو ويندو.هن چيو ته ڊي سي اسلام آباد ڪو وڏو مسئلو ناهي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي پر هو دعا ڪري رهيا آهن ته پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جي ميدان فراهم ڪيو وڃي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪيسن جو فيصلو ميرٽ تي ٿيندو، اسان دعا نه پر دوا به ڪنداسين،چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملندي، شهر ۾ ڪنهن هڪ پارٽي کي ريلي جي اجازت ڏني ته سڀني کي ملندي.مان تحريڪ انصاف جي خلاف ناهيان، هنن مون کي نامزد ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ جو باني منهنجو پسنديده رانديگر آهي، منهنجي گهر ۾ سندس تصوير لڳل آهي.سڪندر سلطان راجا چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن آر او بابت ڪو اعتراض آهي ته هو اليڪشن ڪميشن سان رجوع ڪري، اعتراض تي اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر کي تبديل ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته منهنجي پرزور خواهش آهي ته سياسي قيادت گڏجي ويهندي، سياسي قيادت گڏجي ويهڻ سان ئي ملڪ جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو