اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران تشدد ۾ اهلڪار جي شهادت تي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف سدائين احتجاج جي آڙ ۾ تشدد جو رستو اختيار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد پوليس جي اهلڪار عبدالحميد جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ته ان ئي سياسي جماعت ماضي ۾ سرڪاري ٽي وي جي عمارت تي حملو ڪيو ۽ پارليامينٽ هائوس جو در ڀڳو. هن واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي انجام تي پهچائڻ جي هدايت ڪئي.










