پي ٽي آءِ دهشتگرد گروهه آهي،مريم نواز

پي ٽي آءِ دهشتگرد گروهه آهي،مريم نواز

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته پوليس ۽ رينجرز جي جوانن جا جنازا سڀني ڏٺا، هنن جي ڪارڪنن جا ڪهڙا لاش آهن جيڪي دنيا ڏٺا ئي نه آهن. اوهان پنهنجي ڪنهن زخمي شخص جي هڪ وڊيو ئي ڏيکاري ڇڏيو.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز صاف سٿري پنجاب پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته صبح نوازشريف سان مليس ته چوڻ لڳو ڇا ڪري رهيا آهيو؟ جڏهن صاف سٿري پنجاب جي باري ۾ ٻڌايو ته اهو تمام گهڻو خوش ٿيو، نوازشريف چيو ته پنجاب کي صاف سٿرو بنائڻ اوهان جو فرض آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته حديث مبارڪ آهي ته(صفائي نصف ايمان آهي) 3 مهينن جي اندر زيرو ويسٽ پنجاب جو ٽارگيٽ ڏنو ويو آهي. مريم نواز چيو ته سمورن ميمبرن جو ٿورو ادا ڪريان ٿي، اڄ هڪ تاريخي منصوبو اختتام تي پهتو، شهرين ۽ ڳوٺن جي هڪ جهڙي صفائي ٿيندي، ولاگر چيو آهي ته جيئن هڪ ڌيءَ پنهنجي گهر کي سجائيندي آهي مريم نواز به ساڳيو ڪم ڪري رهي آهي.مريم نواز چيو ته پنجاب جو بلديات وارو وزير تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي، جڏهن مان وزيراعليٰ بڻيس ته مون کي شهباز شريف جو ترقي ڪندڙ پنجاب نه مليو، ڪجهه مهينن جي اندر پوري پنجاب ۾ صفائي جو هڪ جهڙو نظام بنايو ويو. هن چيو ته مون کي جهڙو پنجاب مليو اهو 4 سالن ۾ تمام گهڻو هيٺ هليو ويو هو، پوري پنجاب جا روڊ ٽٽل هئا ۽ دوائون به بند ڪيون ويون هيون، جيڪڏهن شهباز شريف جو پنجاب ائين ئي هلندو رهي ها ته اڄ پنجاب تمام گهڻو اڳتي هجي ها.مريم نواز چيو ته اوهان جي گهرن آڏو ڪچرو کنيو ويندو ۽ انهي کي پري اڇليو ويندو، اوهان جي گهر سان گڏوگڏ پنهنجي گهٽي، محلن ۽ روڊن کي صاف سٿرو رکڻو آهي. صبح کان شام تائين پنجاب جي عوام لاءِ محنت ڪندي آهيان، هر شعبي ۾ بهتري اچي رهي آهي.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته هڪ لک نيون نوڪريون ۽ ماڻهن کي روزگار ملندو، 21 هزار کان وڌيڪ نئين مشينري خريد ڪئي وئي آهي مون مري کي ڪيترن ئي سالن بعد صاف سٿرو ڏٺو آهي. هن چيو ته سياسي گند کي به پاڪستان مان صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنجاب ڪنهن جي احتجاجي ڪال تي ڪن نه ڏيندو. پنجاب جي مختلف شهرن مان 2 درجن کان وڌيڪ ماڻهن کي نڪرندي نه ڏٺو. جڏهن ماڻهو نڪرندا آهن ته ڪابه حڪومت انهن کي روڪي نٿي سگهي.مريم نواز چيو ته مون پاڻ 4 سال روڊن تي گذاريا، ماڻهو رات جو به ٻاهر نڪرندا هئا، ڪو ثابت ڪري ڇڏي ته ن ليگ جي جلسي ۾ ڪو هڪ گهملو به ٽٽو هجي. مريم نواز تشدد پسند پاڪستاني نٿي ٿي سگهي، مان پنهنجي ملڪ کي باهه نٿي لڳائي سگهان. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته جڏهن اوهان حڪومت مان نڪتا تڏهن کان جلسا ڪري رهيا آهيو، نه هي امن امان وارو احتجاج هو، نه ئي احتجاج هو، هٿيارن سان ليس ٿي ڪوبه ماڻهو ٻئي صوبي تي چڙهائي نٿو ڪري سگهي. 24 تاريخ تي احتجاج نه حملو ڪيو ويو هو.هن چيو ته هڪ ايس پي جي اک ضايع ٿيڻ کان بچي وئي، ايس پي چيو ته مون کي پي ٽي آءِ وارن گهيرو ڪري گڏجي ڪوڪن واري ڏنڊي سان ماريو، هڪ پوليس اهلڪار جي ڪنڌ ڀرسان گولي گذري، ڇا انهي کي پرامن احتجاج چوندا آهيو، شرم اچڻ گهرجي. احتجاج ۾ هڪ پوليس، 4 رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، 170 پوليس جي جوانن کي زخمي ڪيو ويو. ڇا ڪڏهن اوهان نوازشريف کان ٻڌو ته مون کي جيل مان ڪڍو نه ته ملڪ کي هلڻ نه ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو