پي ٽي آءِ جي 18 اڳواڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس 9 مئي واقعن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن مراد سعيد، اعظم سواتي، حماد اظهر سميت 18 اشتهارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي لاءِ نادرا کي خط لکي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب لاهور پوليس ان حوالي سان چيئرمين نادرا کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 18 اشتهاري جوابدار نه ته جاچ ۾ شامل ٿيا نه ئي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ٿيا انهن ۾ مراد سعيد، اعظم سواتي، حماد اظهر، اسلم اقبال، ڪرامت کوکر، علي امين گنڊاپور، واثق قيوم عباسي، مسرت جمشيد چيمه، جمشيد چيمه، زبير نيازي، ملڪ نديم عباس، غلام محي الدين ديوان شامل آهن.پوليس موجب اهي سمورا جوابدار اي ٽي سي ۾ پيش ٿيڻ کان سواءِ قانوني حق حاصل نٿا ڪري سگهن. جاچ ۾ شامل ٿيڻ تائين جوابدارن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويندا. اشتهاري جوابدارن جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو