پي ٽي آءِ کي جلسن جي اجازت ڏيو، درخواست ڊي سي حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جلسن جي اجازت لاءِ درخواست ڊپٽي ڪمشنر لاهور کي موڪلي ڇڏي.پي ٽي آءِ پاران مينار پاڪستان، موچي گيٽ، مغلپوري ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.عدالت ڊي سي لاهور کي درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ ۽ التوا واري درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت درخواستگذار کي سڀاڻي ڊي سي لاهور وٽ وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب درخواستن جي ٻڌڻي تي اعتراض اٿاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو