اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رات دير سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ پرويز خٽڪ، شيخ رشيد شفيق، عامر ڪياني، علي امين گنڊاپور، ملڪ عامر ڊوگر ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ايئرپورٽ ڏانهن روڊ بلاڪ ڪرڻ وارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي ويندي، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس اسلام آباد ايئرپورٽ تائين مارچ ڪندا.










