پي ٽي آءِ جو سلطان راجه جي مقرري ۽ مدي ۾ تبديلي جو مطالبو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۽ ملازمت جي مدي ۾ تبديلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۽ ملازمت جي مدي ۾ تبديلي ڪئي وڃي.بل ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي مدي ۾ هڪ سال تجويز ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي هڪ ساله مدي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ميمبرن کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو وڃي.بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ ۽ وفاقي شرعي عدالت ججن جي مقرري لاءِ مقابلي جو امتحان ڪميشن جي لاءِ ججز جي مقابلي جي امتحان جي قائدن ڪميشن ٺاهڻ ۽ ڪميشن نامزدگي جي سفارش ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو