خان جو ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم سان ملڻ کان انڪار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ٽوئيٽس جي معاملي جي جاچ لاءِ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ٽيم رات دير سان اڊيالا جيل پهچي وئي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني ايف آءِ اي ٽيم کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هن ايف آءِ اي ٽيم جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو.باني پي ٽي آءِ ايف آءِ اي ٽيم کي جواب ڏيندي چيو ته هو وڪيلن جي موجودگي ۾ ڪنهن به سوال جو جواب ڏيندو.ايف آءِ اي ٽيم باني پي ٽي آءِ جو موقف لکت ۾ حاصل ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو