پي ٽي آءِ باني جا الزام بي بنياد قرار،5 لک غير قانوني پاڻ واپس ويا

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي ٽوئيٽ ۾ لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 لک غير قانوني پاڪستاني رضاڪاراڻي طور پاڪستان ڇڏي ويا آهن، پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس ويا،انهن کي زبردستي نه ڪڍيو ويو.حڪومت ملڪ ۾ آزاد، منصفاڻي ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون،ان حوالي سان ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي، سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابر سيڪيورٽي ۽ موقعا ملندا، سٺي ڳالهه آهي ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس 100اڄ 66 هزار جي حد جي پار ٿي ويو ،رياستي ميڊيا ڪنهن به رجسٽرڊ سياسي پارٽي کي ڪوريج ڪرڻ تي پابندي ناهي، سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر ڪوريج ڏني پئي وڃي، پاڪستان تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن ان جي ٻولي ۽ ثقافت مضبوط هوندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون وينديون، ان ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته وفاقي حڪومت چئن صوبائي حڪومتن سان گڏجي اهو فرض سرانجام ڏيندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان ملڪ کي ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪنداسين، جيڪا اسان کي ملي آهي ان کان بهتر حالت ۾ ملڪ کي ايندڙ چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪنداسين،هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 66 هزار جي حد عبور ڪري چڪو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي، ڪجهه ماڻهو افواهون پکيڙي رهيا هئا ته آءِ ايم ايف جي ميٽنف ۾ پاڪستان جو ڪيس شامل شامل ناهي، جڏهن ته اڄ بلومبرگ جي خبر آهي ته 11 جنوري تي پاڪستان آءِ ايم ايف جي بورڊ جي ايجنڊا ۾ شامل آهي،نگران حڪومت جا اختيار ۽ مدو محدود آهي، ڪوئيٽا پريس ڪلب ۽ بلوچستان جي صحافين جي ڀلائي لاءِ جيڪي به ممڪن قدم کنيا ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن ۾ هر پارٽي عوام جون همدرديون کٽڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جمهوريت ۾ شور هوندو آهي، خاموشي ناهي هوندي. جڏهن ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽوئيٽ بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ٽوئيٽ ۾ لڳايل الزامن جو ڪو به بنياد ناهي، 5 لک غيرقانوني ماڻهو رضاڪارانه طور پاڪستان ڇڏي ويا، کين جبري طور ٻاهر نه ڪڍيو ويو. هن ٽوئيٽ ذريعي چونڊن ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جو کين ٻين سياسي پارٽين کان وڌيڪ فائدو ٿيندو. هن چيو ته سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابر سيڪيورٽي ۽ موقعا ملندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو پاڪستان جي سياسي نظام ۽ سياسي تاريخ ۾ اهم ڪردار آهي،جن جماعتن جي اڳواڻن پاڪستان جي آئين تي صحيحون ڪيون آهن، جن ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف به شامل آهي، اها وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي ته جي يو آءِ ۽ ان جي اڳواڻن جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪن، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪنداسين،هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي نظام ۾ اليڪشن ڪميشن واحد ادارو آهي جنهن چونڊون ڪرائڻيون آهن،مرتضيٰ سولنگي چيو ته تحريڪ انصاف جا نمائندا پي ٽي وي جي ڪرنٽ افيئر پروگرامن ۾ موجود هوندا آهن، هو پنهنجو موقف واضح پيش ڪندا آهن، هن چيو ته سرڪاري ميڊيا پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪنهن به رجسٽرڊ سياسي پارٽي تي پابندي ناهي، سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابر ڪوريج ڏني پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو