پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت گرفتاري بعد آزاد

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر ۽ عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت کي گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب شير افضل مروت باجوڙ پارٽي ڪنوينشن ۾ ويو هو، کيس چڪدرا مان گرفتار ڪيو ويو.پي ٽي آءِ شير افضل مروت جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان شير افضل مروت جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا.تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته غير قانوني گرفتارين ۽ اغوا واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.پي ٽي آءِ اڳواڻ مشعل يوسفزئي موجب وڪيلن ۽ عوام پوليس کي گهيري ۾ آڻي ڪري سينيئر نائب صدر ۽ عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت ڀاءُ کي بازياب ڪرايو ويو آهي.رستا بند رهندا جيستائين انهن کي محفوظ طريقي سان نه ڪڍيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو