پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر کي پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو ويو،پشاور پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي طاهر صادق جي ڌيءَ ايمان طاهر کي عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو،پي ٽي آءِ اڳواڻ ايمان طاهر کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، هوءَ راهداري ضمانت جي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ آئي هئي،پشاور هاءِ ڪورٽ ايمان طاهر جي راهداري ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ هن کي هڪ هڪ لک رپين جا ٻه نقدي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته لکت وارو حڪم نه ملڻ تي هوءَ هاءِ ڪورٽ کان ٻاهر نڪتي ته ان کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

پهنجو تبصرو موڪليو