اسان کي روڪيندڙ پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪندا، تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪمران جماعتن کي چيو آهي ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف اڪثريتي جماعت آهي ته اقتدار ان حوالي ڪريو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، بلاول ڀٽو کي به چوان ٿو ته اچو گڏجي عوام وٽ ٿا هلون. هي ڪهڙي اسمبلي آهي، عوام جي نمائندن جي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي ويهاريل ماڻهن جي آهي. هن ملڪ ۾ اڌ عرصو فوج سڌي طرح ۽ باقي اڌ عرصو اڻ سڌي طرح حڪمراني ڪئي آهي. هي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ فيصلو عوام نٿو ڪري، اسين ڪڏهن فوجين جي درن تي وڃڻ بند ڪنداسين، فيصل فوجي ٿا ڪن ۽ ڪارو منهن سياستدانن جو ٿئي ٿو ۽ گاريون به کائن ٿا. اهڙو اقتدار ڪهڙي ڪم جو جنهن ۾ فيصلي جو اختيار ئي ناهي، ڇڏيواهڙيون اسمبليون. جيڪڏهن واقعي لارجر گروپ پي ٽي آءِ آهي ته اقتدار انهن کي ڏيو.هن چيو ته هن ڀيري اسيمبليون خريديون ۽ کپايون ويون، اسان جو ضمير ڪيئن ايوان ۾ ويهڻ لاءِ مطمئن ٿئي، هارائيندڙ پريشان ۽ کٽيندڙ به مطمئن ناهن.فضل الرحمان تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو اسان عزم ڪيو آهي ته غلامي خلاف وڙهنداسين، آئين ۽ قانون موجب عوام ۾ وڃي غلامي خلاف وڙهنداسين، 2 مئي تي ڪراچي ۽ 9 مئي تي پشاور ۾ ملين مارچ ٿيندو، سڀني کي پيغام آهي ته اسان کي نه روڪيو وڃي، جيڪو اسان کي روڪيندو اهو پنهنجي لاءِ مصيبت جي دعوت ڏيندو، عوام جو رستو نٿو روڪي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو