پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي چئلينج ڪندس: بابر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر چيو آهي ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪندي.نجي ٽي وي سان ان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائيندي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آفيس اڄ، ڇنڇر ڏينهن بند آهي، تنهن ڪري هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چئلينج ڪندا.اڪبر ايس بابر دعويٰ ڪئي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اسان پي ٽي آءِ جا باني اڳواڻ آهيون.هن وڌيڪ چيو ته هو اڄ شام انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان اهم پريس ڪانفرنس ڪندو.اڪبر ايس بابر اهو به چيو آهي ته هو انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين کي قوم آڏو آڻيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو