پي ايس ايل ڊرافٽنگ، جيسن راءِ گليڊئٽرز، شرجيل ڪراچي چونڊيا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ٽي 20 ڪپ 2020 جي پنجين ايڊيشن لاءِ  ڊرافٽنگ جاري آهي جنهن ۾ 6 فرينچائيز واڪن ۾شرڪت ڪري رهيون آهن. دنيا ڀر مان ڪرڪٽ جي سپر اسٽار رانديگرن مان 6 ڪيٽيگريز م رانديگرن کي ورهايو ويو آهي. جن ۾ پلاٽينم، ڊائمنڊ، گولڊ، سلور  ۽ ايمرجنگ يا سپليمينٽري جون ڪيٽيگريز رکيون ويون آهن. جمعي ڏينهن واري اهم تقريب ۾ جيسن راءِ ۽ شرجيل خان تي اهم نظرون هيون. شرجيل خان واپسي بعد ڪراچي پاران کيڏندو. پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندڙ ڪوئٽه گليڊيئٽرز  انگلينڊ کي ورلڊ ڪپ کٽائيندڙ جيسن راءِ کي چونڊي ورتو آهي. پوئين ڀيري اڪثر ميچ هارائيندڙ لاهور قلندرز آسٽريلوي رانديگر ڪرس لن کي چونڊي ورتو. لاهور وارن گذريل سال به هن کي کنيو هو پر زخمي ٿيڻ ڪري هو کيڏي نه سگهيو هو. ملتان سلطان وارن پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ انگلينڊ جي آل رائونڊر معين علي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي رلي روسو کي چونڊيو آهي. جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽيڊ ڏکڻ آفريڪا جي فاسٽ بالر ڊيل اسٽائن ۽ ڪولن انگرام کي کنيو. ڪراچي وارن پلاٽينيم ڪيٽيگري ۾ انگلينڊ جي بيٽسمين ايلڪس هيلز کي چونڊيو. ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ نيوزيلينڊ جي ڪولن منرو جيڪو گذريل سال ڪراچي جي ٽيم ۾ هو تنهن کي اسلام آباد وارن چونڊي ورتو آهي. جڏهن ته ڪراچي ڪنگز انگلينڊ جي ڪرس جورڊن کي کنيو. انگلينڊ جي ٽام بينٽن پشاور زلمي ۽ آسٽريلوي بين ڪٽنگ کي ڪوئٽه گليڊيئٽرز چونڊي ورتو. پشاور وارن شعيب ملڪ ۽ ملتان سلطان ذيشان اشرف ۽ ڊائمنڊ ڪيٽيگري جي پليئر روي بوپاڙا کي چونڊيو ورتو. گولڊ ڪيٽيگري ۾  لاهور قلندرز انگلينڊ جي سمت پٽيل ۽ اسلام آباد وارن رومان رئيس کي چونڊيو. ملتان سلطان سهيل تنوير، ڪراچي ڪنگز شرجيل خان ۽ ڪيمرون ڊيلپورٽکي کنيو. شرجيل خان 2017 جي ٽورنامنٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ سبب آئوٽ ٿيو هو ۽ هاڻي واپس آيو آهي. پشاور زلمي ليم ڊاسن ۽ گليڊيئٽرز فواد احمد کنيو. سلور ڪيٽيگري ۾ اسلام آباد وارن فل سالٽ ۽ ظفر گوهرکي کنيو، ڪوئٽه وارن سهيل خان، عبدالناصر ۽ ٽيمل ملز کي کنيو. پشاور وارن محمد محسن ۽ راحت علي کنيا، ملتان وارن خوش دل شاهه ۽ عثمان قادر کنيا . لاهور وارن سيڪوگي پراسنا ۽ بن ڊنڪ کنيا، ڪراچي وارن محمد رضوان، زاهد محمود ۽ اميد آصف کي کنيو.

پهنجو تبصرو موڪليو