لاهور (ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پي ايس ايل (پاڪستان سپر ليگ) جي اٺين سيزن جي لاهور ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ تماشائي اسٽيڊيم ۾ ڪچرو اڇلائڻ تي ڏنڊ وڌو ويندو.لاهور ويسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني (ايل ڊبليو ايم سي) جي سي اي او بابر صاحب دين جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ ايڇ بي ايل پي ايس ايل جي ميچن جي حوالي سان پلان تيار ڪيو ويو.ايل ڊبليو ايم سي موجب قذافي اسٽيڊيم کي زيرو ويسٽ زون قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تحت اسٽيڊيم ۾ گند اڇلائيندڙ کي 100 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.بابر صاحب دين ٻڌايو ته قذافي اسٽيڊيم جي 12 انڪوائرز جي صفائي جو ڪم اڄ مڪمل ڪيو ويندو، 125 کان وڌيڪ ملازم اسٽيڊيم اندر ۽ 70 ٻاهران مقرر ڪيا ويا آهن.سي اي او موجب تماشائي پارڪنگ لاٽ ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي 110 اهلڪار مقرر آهن.
