ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جو مالي بحران جاري آهي ۽ ان دوران پي ايس او کان فيول سپلاءِ به گهٽ ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب قومي ايئر لائن جو فلائيٽ آپريشن سخت متاثر آهي، جنهن سبب مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ جي ايئرپورٽن تان پي آءِ اي جون 25 کان وڌيڪ اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب ايندھن جي فراهمي نه ٿيڻ سبب ڪراچي کان اسلام آباد، ڪوئيٽا، بهاولپور، لاهور، گوادر ۽ ملتان جون اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب لاهور، اسلام آباد، ڪوئيٽا، سيالڪوٽ، ملتان ۽ پشاور ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جون اڏامون به منسوخ ڪيون ويون آهن.
