پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ ريگيوليٽري باڊي ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري کان اڳ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ باڊي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي وزير فواد حسن فواد ايوي ايشن سيڪٽر لاءِ ريگيوليٽري باڊي ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب هي ادارو پيمرا، اوگرا ۽ نيپرا جي طرز تي ٺاهيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريگيوليٽر پي آءِ اي جي نجڪاري سبب پيدا ٿيل خال کانپوءِ مسئلن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن ريگيوليٽر ايوي ايشن سيڪٽر ۾ ڪارٽون ٺهڻ کان روڪيندو. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته گهٽ منافعي واري رستن تي اڏامون هلايون وڃن. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نجي شعبي جي سمورن ايئر لائنز کي گهٽ منافعي واري رستن تي اڏامون هلائڻ جو فريم ورڪ ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو